پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پشاور يونيورسٽي جي شاگردن کي اسڪالرشپ جون رقمون نه ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته خيبرپختونخوا جو تعليمي نظام تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ صوبي تعليمي ترجيحن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پشاور يونيورسٽي جي شاگردن کي اسڪالرشپ جون رقمون نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم باوجود شاگردن کي اسڪالرشپ جون رقمون نه پيون ڏنيون وڃن.پشاور يونيورسٽي جي اسسٽنٽ رجسٽرار عدالت کان وقت ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته مسئلو حل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي کي 2 ارب رپين کان وڌيڪ خسارو آهي ۽ گذريل مهيني ملازمن کي پگهارون 16 تاريخ تي ڏنيون ويون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته صوبي جو تعليمي نظام تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي، قديم يونيورسٽي کي سنڀالي نه سگهيا آهيون ۽ تعليمي ترجيحن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ويو آهي. عدالت ۾ ريمارڪس دوران چيف جسٽس چيو ته يونيورسٽي جون زمينون انتهائي گهٽ اگهن تي ليز تي ڏنيون پيون وڃن، يونيورسٽي ۾ شعبا بند ٿي رهيا آهن ۽ شاگردن جي دلچسپي به ختم ٿي رهي آهي. عدالت يونيورسٽي انتظاميا کي شاگردن جو مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










