ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس فيز 8 ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي سون جي مبينا ڦر جو معمو حل ٿي ويو، پوليس گهر جي ڊرائيور سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب واقعو ڦر جو نه، پر خانداني تڪرار جو نتيجو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ عورت پنهنجي ڊرائيور ذريعي ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو هو، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










