نون صوبن جو معاملو هاڻ دفن ٿيڻ گهرجي: وڏو وزير

نون صوبن جو معاملو هاڻ دفن ٿيڻ گهرجي: وڏو وزير

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ صوبا ٺاهڻ جي لاءِ ڪابه اڪثريت نه آهي، نون صوبن جو معاملو هاڻ دفن ٿيڻ گهرجي، صوبا ٺاهڻ لاءِ آئيني طريقو آهي ڪنهن جي ڳالهائڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو.ڄام چاڪرو ۾ جديد لينڊ فل سائٽ جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ جي لاءِ 2/1 جي اڪثريت گهرجي، انهن وٽ هڪ جي به اڪثريت نه آهي، اوهان تڪليف نه کڻو صوبائي اسيمبلي ٻيهر انهي کي رد ڪري، اهو معاملو هاڻ دفن ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو سڀني کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه مان جلد گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي ختم ڪرڻ جو طريقو ڳالهيون آهن، جيڪڏهن ڪوبه صوبو تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ته ڇا ڪو رستو بچي ٿو؟ چئني صوبن کي دهشتگردي جي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي، گورنر راڄ آئين موجب آهي.جديد لينڊ سائٽ جي افتتاح تي ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي صاف ڪرڻ جو هي منصوبو آهي، ڄام چاڪرو لينڊ فل سائيٽ تي گڏيل طور تي 5 جديد سيل تعمير ڪيا پيا وڃن جن جي تعمير ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي، لينڊ فل سائٽ تي ڪراچي جي ڪچري کي سائنسي ۽ منظم انداز ۾ تليف ڪيو ويندو.، جديد ويسٽ مينجمينٽ سسٽم سان ماحولياتي مسئلا ۽ تعفن جي خاتمي ۾ مدد ملندي. جڏهن ته شهر جي ٻين ضلعن ۾ به عالمي معيار جا ويسٽ ڊسپوزل پوائنٽس قائم ڪيا ويندا.هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته گورنر راڄ آئيني آهي پر جمهوري نه آهي، ڪوبه نٿو چاهي ته صوبي جي چونڊيل حڪومت کي هٽايو وڃي، هن وقت ملڪ جو سڀني کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، جڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي هجي ۽ صوبا ڪارروائي کان منع ڪن ته ڇا ٿا چئي سگهون. مير رضا ڪيس بابت مراد علي شاهه چيو ته مير رضا ڪيس جي لاءِ ڪابنه جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو چيو هو، هاڻ ڪابينه ئي ڪميشن جي رپورٽ جو بند لفافو کولي فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو