مڪه معاهدي جو مقصد سعودي عرب جو دفاع ڪرڻ آهي

مڪه معاهدي جو مقصد سعودي عرب جو دفاع ڪرڻ آهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته معاهدي جو مقصد سعودي عرب جو دفاع ڪرڻ آهي ۽ ان جو دفاع ڪيو ويندو. آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستاني فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سعودي عرب ۾ موجود آهي ۽ مختلف صلاحيتن توڙي شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدو اوچتو وجود ۾ آيل ڪو اتحاد ناهي. معاهدي تي عملدرآمد ۽ ان جا سمورا اثر دفاعي نوعيت جا هوندا. هن موجب، سعودي عرب ۾ ڪهڙو دستو موڪليو ويندو، اهو ڪيئن ٿيندو ۽ معاهدي کي ڪهڙي انداز ۾ استعمال ڪيو ويندو، انهن معاملن جو فيصلو آپريشنل ڪمانڊر ڪندا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۾ استحڪام جي ضمانت آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به عنصر کي پنهنجا ناپاڪ مقصد پورو ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته معاهدي جو مقصد ڪنهن کي دشمن يا دوست قرار ڏيڻ نه، پر سعودي عرب جو دفاع ڪرڻ آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بابت ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان جنگ جي خاتمي ۽ ڌرين وچ ۾ معاهدي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندو. پاڪستان چاهي ٿو ته اختلاف گهٽ ٿين، ڳالهين ذريعي تڪرار جو پرامن حل نڪري ۽ جنگ وڌيڪ نه پکڙجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي لاءِ غيرجانبدار رهندي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جو مفاد خطي ۾ امن ۽ استحڪام سان جڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته جنگ کي وڌيڪ پکڙڻ مان ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو