رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جو آپريشن،’فتنه الخوارج‘ جو دهشتگرد مارجي ويو

رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جو آپريشن،’فتنه الخوارج‘ جو دهشتگرد مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گل ٻائي شير شاهه ۾ رينجرز ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي گڏيل آپريشن دوران ’فتنه الخوارج‘ سان لاڳاپيل هڪ دهشتگرد مارجي ويو.رينجرز جي ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگرد ضياءُ الرحمان عرف سيف الله جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد جو تعلق خيبر پختونخواهه جي علائقي باجوڙ سان هو ۽ هن 2006ع ۾ ’فتنه الخوارج‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اهو دهشتگرد افغان سرحد تي پاڪستاني چوڪين تي ٿيندڙ ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث رهيو هو.رينجرز جي ترجمان اهو به ٻڌايو ته ضياءُ الرحمان تازو ئي افغانستان مان لڏي ڪراچي آيو هو ۽ هتي دهشتگرد سرگرميون ڪرڻ لاءِ هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو