ڇڪتاڻ تيز، برينٽ خام تيل 110 ڊالر في بيرل ٿي ويو

ڇڪتاڻ تيز، برينٽ خام تيل 110 ڊالر في بيرل ٿي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سعودي عرب تي حوثين جي وڌيڪ حملن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي، جنهن بعد برينٽ خام تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي. خبر ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب، خميس ڏينهن برينٽ خام تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت ۾ 1.29 ڊالر، يعني 1.2 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ قيمت 110.11 ڊالر في بيرل ٿي وئي. ٻئي طرف آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) خام تيل جي قيمت ۾ پڻ 97 سينٽ، يعني هڪ سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ اها 98.12 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي. رپورٽ موجب، اربع ڏينهن ڪاروباري سيشن جي پڄاڻيءَ تي برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي هئي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت ۾ 67 سينٽ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو