اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت نئين ٽيڪس اداري جي قيام جو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، پر سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي لازمي رٽائر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان حڪومت کي ڪنهن به قسم جي نئين سر جوڙجڪ دوران بيوروڪريٽن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو اختيار ملي ويندو.
اعليٰ سطحي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته جاري سڌارن جا شروعاتي نتيجا حوصلا افزا آهن.
وزيراعظم زور ڏنو ته ٽيڪس اوڳاڙيءَ ۾ موجود خال کي مؤثر نموني گهٽائڻ لاءِ ايف بي آر کي پنهنجي اداري جي صلاحيت مسلسل وڌائڻي پوندي. هن چيو ته جاري سڌارن جا ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي، اثرائتي پيشورانه تربيت، شفافيت ۽ احتساب کي مرڪزي اهميت حاصل رهڻ گهرجي.
وزيراعظم آفيس جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو، ”ايف بي آر جي آفيسرن جي ذميواري آهي ته اهي قوم جي اميدن مطابق پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائين.“ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ”جاري سڌارا رياست جي وسيع تر مفاد ۾ آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ اهو عمل جاري رهندو.“
وزيراعظم کاتي اندر بدعنوان عنصرن خلاف بنا ڪنهن رعايت ۽ فرق جي ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته جن ملازمن جي روين ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ حقيقي بهتري اچي رهي آهي، انهن کي پاڻ سڌارڻ جو موقعو ڏنو وڃي، پر بدعنواني يا ناقص ڪارڪردگيءَ لاءِ ڪا به گنجائش نه هئڻ گهرجي.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي عملدارن ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال، طريقيڪار ۽ انساني وسيلن جي انتظام بابت آگاهه ڪيو. هنن ٻڌايو ته ايف بي آر جي سڌارن سبب ٽيڪس اوڳاڙيءَ ۾ اندازي موجب موجود خال مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي 6 سيڪڙو مان گهٽجي 5 سيڪڙو رهجي ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪنالاجيءَ جي اثرائتي استعمال سان ايف بي آر جي عملدارن جا صوابديدي اختيار پڻ وڏي حد تائين گهٽجي ويا آهن.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته بدعنوان عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. ايف بي آر کي هدايت ڪئي وئي ته انساني وسيلن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ تنظيمِ نو بابت رپورٽ هلندڙ هفتي اندر وزيراعظم کي پيش ڪئي وڃي.
هن مهيني جي شروعات ۾ ان وقت بحث شروع ٿيو، جڏهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ مڪمل طور نئين اداري جي قيام جي تجويز پيش ڪئي وئي. ڪجهه شرڪت ڪندڙن جو خيال هو ته نئون ادارو قائم ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳندا ۽ جڏهن اهو مڪمل طور ڪم شروع ڪندو، تڏهن ان کي به موجوده ايف بي آر جهڙا مسئلا درپيش اچي سگهن ٿا.
نئين اداري جي تجويز بابت خبرون شايع ٿيڻ کان پوءِ ان لينڊ روينيو سروس آفيسرن ايسوسيئيشن (آءِ آر ايس او اي) قلم بند هڙتال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. بعد ۾، سينيئر عملدارن کان خاطريون ملڻ کان پوءِ ايسوسيئيشن اها ڌمڪي واپس وٺي ڇڏي.
شهباز شريف آفيسرن جي رويي تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته اهڙي ايسوسيئيشن لاءِ ڪا گنجائش ناهي، جيڪا حڪومت کي بليڪ ميل ڪري سگهي. ايف بي آر جي سينيئر انتظاميا چيو ته غيرقانوني طور اجتماعي سوديبازيءَ جو ادارو قائم ڪرڻ تي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
بهرحال، حڪومت ايف بي آر جي انساني وسيلن جي عمودي ۽ افقي، ٻنهي رخن کان نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اضافي ۽ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي فارغ ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميمون 2024ع کان قومي اسيمبليءَ ۾ التوا هيٺ آهن. جيڪي جلد منظور ڪيون وينديون.
تجويز ڪيل نئين شقن 22-اي ۽ 22-بي موجب، جيڪي سمورن سروس گروپن تي لاڳو ٿينديون، حڪومت کي اختيار هوندو ته ڪنهن به نئين سر جوڙجڪ يا تنظيمِ نو جي نتيجي ۾ ڪنهن آفيسر کي غيرضروري قرار ڏئي، کيس ملازمت ختم ٿيڻ جي عيوض مالي پيڪيج ڏئي ۽ لازمي رٽائر ڪري سگهي.
شق 22-بي جي ذيلي شق 2 موجب، وفاقي حڪومت جو فيصلو ملڻ کان پوءِ مقرري ڪندڙ اختيارين کي غيرضروري قرار ڏنل سول ملازم کي ملازمت ختم ٿيڻ جي عيوض مالي پيڪيج جي آڇ ڪرڻي پوندي. ملازم ان پيڪيج کي قبول ڪرڻ جو پابند هوندو، پر کيس رڳو پيڪيج جي مالي رقم خلاف اپيل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.
شق 22-بي جي ذيلي شق 3 موجب، غيرضروري قرار ڏنل سول ملازم جي ملازمت مقرري ڪندڙ اختيارين طرفان ختم ڪري سگهجي ٿي.
ان شق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سول سرونٽس ايڪٽ، ان تحت ٺاهيل قاعدن، ان وقت لاڳو ڪنهن ٻئي قانون، معاهدي، ملازمت جي شرطن ۽ ضابطن يا ڪنهن عدالت يا ٽربيونل جي حڪم يا فيصلي ۾ شامل ڪا به ڳالهه وفاقي حڪومت يا مقرري ڪندڙ اختيارين جي انهن اختيارن کي محدود نه ڪندي، جن تحت اهي ڪنهن ڊويزن، کاتي يا آفيس کي مڪمل يا جزوي طور ختم ڪرڻ، ان جي نئين سر جوڙجڪ يا تنظيمِ نو ڪرڻ، سول ملازمن جا عهدا، ڪيڊر يا عهدن جا نالا ختم ڪرڻ يا ملازمن کي اضافي ۽ غيرضروري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا.
انهن اختيارن ۾ اهڙا سول ملازم به شامل هوندا، جن خلاف کاتي اندر يا فوجداري ڪارروائيون حتمي فيصلي لاءِ التوا هيٺ هجن. تنهن هوندي به، اهڙن ملازمن کي ملازمت ختم ٿيڻ جي عيوض مالي پيڪيج جي ادائيگي کاتي جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي.
هوڏانهن، ايف بي آر بعد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته ان لينڊ روينيو سروس جي ٻن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ بي ايس-20 ۽ ٻيو بي ايس-19 جو آفيسر آهي. جڏهن ته بي ايس-20 جي ٻن ٻين آفيسرن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ايف بي آر هيڊڪوارٽر واپس موڪليو ويو آهي. انهن خلاف اجازت کانسواءِ پريس بيان جاري ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم روڪڻ جي سڏ ڏيڻ جي معاملي تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.










