جون 2027 تائين پيٽروليم قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هدف مقرر

جون 2027 تائين پيٽروليم قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هدف مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت جون 2027 تائين پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽر ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي نظام ۾ وڏيون سڌارا تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ قيمت جي فارمولي کي مارڪيٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.اجلاس ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏن جھٽڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضابطا ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ۽ صارفين کي قيمتن جي اتار چڙهاؤ کان بچائڻ تي زور ڏنو ويو.پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نئين IFEM طريقيڪار جي به منظوري ڏني وئي، جنهن تحت پاڪستان پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽر ڪرڻ لاءِ جون 2027 جو عبوري هدف مقرر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو