ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري دوران گئس جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ايل اين جي جا 18 ڪارگو خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، ملڪ ۾ سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن وٽ مجموعي طور مقامي گئس جي دستيابي هڪ ارب 40 ڪروڙ مڪعب فوٽ آهي، جڏهن ته سياري ۾ رڳو پنجاب جي گئس جي گهرج هڪ ارب مڪعب فوٽ تائين پهچڻ جو خدشو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سياري لاءِ ايل اين جي جا 18 ڪارگو خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ قطر کان گهٽ اگهه تي ايل اين جي درآمد ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي.ذريعن موجب، اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي خريد ڪرڻ جي صورت ۾ 30 ڊالر في ملين برٽش ٿرمل يونٽ (ايم ايم بي ٽي يو) وڌ ۾ وڌ حد ٿي سگهي ٿي.










