ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ اڄ کان پوليو جي خاتمي واري ست ڏينهن واري قومي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. هن چيو ته دنيا پوليو جي مڪمل خاتمي جي اڳي کان وڌيڪ ويجهو پهچي چڪي آهي، پر ان باوجود ڪم اڃا مڪمل ناهي ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پوليو مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا اهي ٻه ملڪ آهن، جتي اڃا تائين پوليو جو وائرس موجود آهي. گذريل سال پاڪستان ۾ پوليو جا 31، جڏهن ته افغانستان ۾ 21 ڪيس سامهون آيا. هلندڙ سال پاڪستان ۾ هيل تائين 4 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان هڪ ڪيس سجاول ۽ ٽي خيبرپختونخوا ۾ ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته افغانستان ۾ هن سال 29 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ سنڌ ۾ گڏيل ڪوششن سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صوبائي حڪومت، پوليو جا ميدان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن، والدين، برادري جا اڳواڻ ۽ ساٿي ادارا گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن کي ساراهڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پوليو وائرس بابت ماحولياتي نگراني جا نتيجا پڻ حوصلا افزا آهن. جنوري 2026ع کان پوليو وائرس وارن هاڪاري ماحولياتي نمونن جي هنڌن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. آگسٽ مهيني ۾ پوليو وائرس وارن هاڪاري ماحولياتي نمونن جي شرح 62 سيڪڙو مان گهٽجي 20 سيڪڙو ٿي وئي. آگسٽ ۾ سامهون آيل پوليو وائرس جا سمورا 6 هاڪاري ماحولياتي نمونا ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن مان مليا، جن مان 4 ڪراچي ۽ 2 حيدرآباد مان هئا، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن کان ٻاهر ورتل سمورا ماحولياتي نمونا ناڪاري آيا. سيد مراد علي شاهه چيو ته منظم ۽ هدف تي ٻڌل ڪوششن سان پوليو وائرس جي پکڙجڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو. پوليو خلاف جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي جي گنجائش ناهي. جيستائين پوليو وائرس جي موجودگي جو پتو لڳندو رهندو، تيستائين مسلسل خبرداري ۽ چوڪسي ضروري آهي. هن چيو ته پوليو جي ڦڙن کان رهجي ويندڙ هر ٻار وائرس جي پکڙجڻ جو موقعو پيدا ڪري ٿو. پاڪستان پوليو جي خاتمي واري سفر ۾ اهم مرحلي تي بيٺل آهي ۽ 2027ع جي پڄاڻي تائين پوليو وائرس جي منتقلي روڪڻ حاصل ڪري سگهجندڙ هدف آهي. وڏي وزير چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ پڪو عزم ۽ اعليٰ معيار جون ويڪسين مهمون ضروري آهن. هر خاندان ۽ هر برادري جي ڀرپور شرڪت کانسواءِ پوليو جو خاتمو ممڪن ناهي. پوليو جي خاتمي جو آخري مرحلو اڪثر سڀ کان وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي، تنهن ڪري هر گهر جي هر ٻار تائين بنا ڪنهن فرق جي پهچڻ ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي. هن چيو ته هر اهو ٻار، جنهن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن ٿا، اسان کي پوليو کان پاڪ سنڌ ۽ پاڪستان جي وڌيڪ ويجهو آڻي ٿو. سيد مراد علي شاهه موجب سنڌ ۾ ذيلي قومي حفاظتي ٽڪن واري مهم به 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پنجن سالن کان گهٽ عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيارين. هن چيو ته هر اهل ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ مهم جو بنيادي مقصد آهي. سنڌ جي سمورن 30 ضلعن ۾ هلندڙ مهم دوران لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي 23 ضلعن ۾ مڪمل، جڏهن ته 7 ضلعن ۾ جزوي مهم هلائي ويندي. وڏي وزير ٻڌايو ته 80 هزار کان وڌيڪ تربيت يافته پوليو ڪارڪن ۽ نگراني ڪندڙ عملي جا ماڻهو گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. مهم دوران سڄي سنڌ ۾ 26 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته پوليو مهم جي حفاظت لاءِ 2,300 عورت پوليس اهلڪار پڻ مقرر رهنديون. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت کاتي جي ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. پوليو جو خاتمو رڳو حڪومت يا صحت جي ڪارڪنن جي ذميواري ناهي، پر اها گڏيل قومي ذميواري آهي. هن والدين، عالمن، استادن، طبي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا تي زور ڏنو ته پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پوليو جي ويڪسين محفوظ ۽ اثرائتي آهي ۽ ٻارن کي سڄي زندگي جي معذوري کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته گڏيل ڪوششن سان پوليو خلاف اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي ۽ هر ٻار جو تحفظ يقيني بڻائي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ صحتمند مستقبل محفوظ بڻايو ويندو. تقريب ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صحت کاتي جي سيڪريٽري طاهر سانگي، پوليو پروگرام جي انچارج شهريار گل ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون.










