شیئر کریں ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، هڪ ڄڻو زخمي 15/10/202615/10/2026 ملير (ڊر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ صالح محمد ڳوٺ نديءَ ويجهو واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 32 ورهين جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته 30 ورهين جو هڪ ٻيو شخص زخمي ٿي پيو. فوتي ۽ زخمي ٿيل ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. شیئر کریں