ٽانڪ: موبائل تي فائرنگ، 3 اهلڪار شهيد

ٽانڪ: موبائل تي فائرنگ، 3 اهلڪار شهيد

ٽانڪ: (ويب ڊيسڪ) اڻڄاتل هٿياربندن ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊي پي او عبدالصمد خان موجب فائرنگ جو واقعو ٽانڪ جي وزيرآباد بازار ۾ پيش آيو جتي هٿياربند جوابدارن ٽريفڪ اهلڪارن جي موبائيل تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب گاڏي ۾ سوار 3 اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا جڏهن ته جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ڊي پي او ٻڌايو ته ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ سمورين شاهراهن ۽ پنڌ وارن رستن جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي. ڊي پي او موجب هٿياربند جوابدارن جي فائرنگ سبب اي ايس آءِ عصمت الله زخمي ٿيو جنهن کي فوري طبي امداد جي لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽانگ جي علائقي ۾ خوارجين طرفان ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي 3 اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.محسن نقوي چيو ته شهيد اهلڪارن جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا، ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهيون. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو