پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ کان باضابطا ڳالهيون شروع

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ کان باضابطا ڳالهيون شروع

اسلام آباد )بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اڄ کان باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون، جن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال، ٽيڪس وصولين، گردشي قرض ۽ سڌارن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڳالهين دوران پاڪستان طرفان ساورن ويلٿ فنڊ ۽ گردشي قرض ۾ گهٽتائي بابت بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته آءِ ايم ايف کي کنڊ جي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ نه ڪرڻ جا سبب، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري، پرائمري سرپلس جي صورتحال، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ مٽاسٽا جي شرح بابت آگاهه ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن تي غور ڪيو ويندو. نيب ۽ ايف آءِ اي طرفان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي سهائتا روڪڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني ويندي. توانائي واري وزارت طرفان گردشي قرض ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارن بابت آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبن ۾ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدنيءَ جي وصولي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو