ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ترڪيه ۽ بنگلاديش مان آيل پرڏيهي مهمانن کي ڦرڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پوليس موجب جوابدار کي لياري جي عثمان آباد واري علائقي ۾ مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو.پوليس اهلڪار ظاهر ڪري وارداتون ڪندڙ جوابدارن 9 آڪٽوبر تي بنگلاديش مان آيل ماڻهن کي ڊيڄاري ڌمڪائي 52 هزار 500 بنگلاديشي ٽڪا ڦري ورتا هئا.اهڙيءَ ريت 11 آڪٽوبر تي ساڳين جوابدارن ترڪيه مان آيل ٻن ماڻهن کان 2 هزار آمريڪي ڊالر به ڦر ڪيا هئا.پوليس واقعي ۾ ملوث ٻئي جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.










