ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس هڪ 57 سالن جي شڪي شخص کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو مسجدن ٻاهران عبادت گذار جو روپ ڌاري گاڏيون چوري ڪندو هو.اينٽي ڪار لفٽنگ سيل موجب، شڪي شخص جي سڃاڻپ ”انصاف“ جي نالي سان ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ٻڌايو ته شڪي شخص پنهنجي پهرين گاڏي 2000ع ۾ چوري ڪئي هئي ۽ ان وقت کان وٺي مسلسل گاڏين جي چوري ۾ ملوث رهيو آهي. پوليس ٻڌايو ته شڪي شخص ڪراچي مان گاڏيون چوري ڪري وڪري لاءِ ڪوئيٽا ۽ بلوچستان منتقل ڪندو هو؛ کيس تازو ئي گلشنِ اقبال ۾ هڪ مسجد ٻاهران گاڏي چوري ڪندي ڏٺو ويو هو.پوليس وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته شڪي شخص جو ڏوهاري رڪارڊ 23 سالن تي ٻڌل آهي ۽ هو 15 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو.










