پي پي اي پاران سيپٽمبر ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم جي حمايت جو اعلان

پي پي اي پاران سيپٽمبر ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ پوليو ويڪسينيشن مهم جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي والدين ۽ سرپرستن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنجن سالن کان گھٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين.پنهنجي بيان ۾ پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو سميت روڪٿام جوڳين بيمارين کان ٻارن جي تحفظ لاءِ ويڪسينيشن سڀ کان محفوظ ۽ اثرائتو طريقو آهي.ايسوسيئيشن والدين کي چيو ته اهي گھرن تي ايندڙ پوليو ٽيمن جي ڀليڪار ڪن، هر پوليو مهم ۾ پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ۽ روٽين حفاظتي ٽيڪن جو ڪورس وقت تي مڪمل ڪرائين. پي پي اي سنڌ وڌيڪ ٻڌايو ته ھلڪي بخار، کنگهه، دستن يا ڏند نڪرڻ جي صورت ۾ به ٻارن کي پوليو ويڪسين ڏئي سگهجي ٿي. ايسوسيئيشن والدين، طبي ماهرن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته 21 کان 27 سيپٽمبر جي مهم دوران ڪو به ٻار پوليو ويڪسين کان محروم نه رهجي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو