ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ کاتي صوبي ۾ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري لاءِ سمري ڪابينا ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اليڪٽرڪ بسون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مرحليوار هلايون وينديون.هن چيو ته 50 ڊبل ڊيڪر بسون 30 نومبر تائين سنڌ پهچي وينديون، جن کي مختلف رستن تي هلايو ويندو.شرجيل انعام ميمڻ موجب نئين ٽرانسپورٽ منصوبي سان صوبي جي مختلف شهرن ۾ عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.










