سکر، پوليس مقابلو ، اهلڪار شهيد،مقابلي  ڌاڙيل مارجي ويو

سکر، پوليس مقابلو ، اهلڪار شهيد،مقابلي ڌاڙيل مارجي ويو

سکر (بيورو رپورٽ) ٿاڻو آباد جي حد ۾ بس اسٽينڊ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران تعاقب ڪندي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ پوليس ڪانسٽيبل اڪرم چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو.واقعي جو ايس ايس پي سکر احمد چوڌري PSP,QPM سخت نوٽيس وٺندي ملوث ڌاڙيلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ايس ايس پي سکر جي هدايتن تي پوليس جون مختلف ٽيمون جوابدارن جي تعاقب ۽ گرفتاري لاءِ فوري طور سرگرم ٿي ويون آهن. فرار ٿيل جوابدارن جو مسلسل تعاقب جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ناڪابندي ڪري داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن سکر جي آباد ٿاڻي جي حدن بس اسٽينڊ ڀرسان هوٽل تي جهيڙي ۽ ڦرلٽ ۾ ملوث هٿياربند ڌاڙيل خلاف پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فرار ٿيندڙ ڌاڙيل پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڇڏي. فائرنگ جي نتيجي ۾ بهادر پوليس ڪانسٽيبل اڪرم چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو فرض جي ادائيگي دوران شهيد ٿي ويو. سکر پوليس موجب واقعي کانپوءِ ايس ايس پي سکر احمد چوڌري PSP، QPM جي هدايتن تي پوليس وڏي نفري سان جوابدار جو تعاقب جاري رکيو. ان دوران ڪوسا لنڪ روڊ ڀرسان پوليس ۽ ڌاڙيل وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ پوليس مقابلي دوران علي شير ميراني مارجي ويو. پوليس موجب مارجي ويل علي شير ميراني ڪانسٽيبل اڪرم چاچڙ جي شهادت سميت مختلف سنگين ڪيسن ۾ گهربل ۽ سکر سميت ٻين ضلعن جي مختلف وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هو. پوليس موجب هلاڪ جوابدار جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس رڪارڊ موجب علي شير ميراني خلاف FIR نمبر 314/23 ضلعي خيرپور ۾ قلم 9-C A تحت، FIR نمبر 120/10 ٿاڻي آباد سکر ۾ قلم 379 تحت، جڏهن ته FIR نمبر 143/26 ٿاڻي سائيٽ سکر ۾ قلم 452، 427 تحت ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس ترجمان موجب علي شير ميراني جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ سکر جي مختلف ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن مان پڻ معلوم ڪيو پيو وڃي. سکر پوليس موجب شهيد ڪانسٽيبل اڪرم چاچڙ جي شهادت کانپوءِ جوابدار جي گرفتاري لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ئي وقت اندر پوليس مقابلي دوران ڄاڻايل جوابدار مارجي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو