سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس سماجي براين ۾ ملوث منشيات، گٽڪا ۽ جوا وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن جي قبضي مان گٽڪا، آڪڙا پرچين جو سامان، روڪ رقم، شراب جون بوتلون ۽ چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا.ايس ايس پي سکر احمد چوڌري جي هدايتن تي ايس ڊي پي او سٽي سهيل احمد سومرو جي سربراهي ۾ سٽي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون. سي سيڪشن پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدار اياز علي سولنگي جي قبضي مان هڪ پيڪٽ گٽڪا چڻالي هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته مخفي اطلاع تي آڪڙا پرچي اڏي تي ڇاپو هڻي جوابدارن حبيب چوهان ۽ اختر اعوان کي گرفتار ڪري آڪڙا پرچي بڪس ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. جوابدارن خلاف گٽڪا ۽ جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. اَي سيڪشن پوليس جي ڪارروائي دوران گٽڪا چڻالي ۽ شراب سميت 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. جوابدار محمد سليمان شيخ جي قبضي مان گٽڪا چڻالي جا 3 پيڪٽ، جڏهن ته الطاف ميراني جي قبضي مان شراب جون 4 بوتلون هٿ ڪيون ويون. جوابدارن خلاف لاڳاپيل قانون تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. هوڏانهن بي سيڪشن پوليس به ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار امجد نوناري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 200 گرام چرس هٿ ڪري ورتي، جنهن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. سکر پوليس ترجمان موجب سماجي براين ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رهنديون.










