سکر (ن س )ضلعي ۽ سيشن عدالت سکر پمز سانحي جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو، عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ان کي پهرين ايڊيشنل جج ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل موجب وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ صحت واري سيڪريٽري کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي. وڪيل موجب درخواست ۾ پمز انتظاميا کي به ڌر بڻايو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تي ٿيندي.










