سکر (بيورو رپورٽ) سکر سينٽرل جيل ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ 55 ورهين جي قيدي مبينا طور جيل جي جنرل بيرڪ جي واش روم ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب فوت ٿيل قيدي جي سڃاڻپ جندل شاهه عرف حسين شاهه طور ٿي آهي، جيڪو قتل جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو. قيدي مبينا طور جنرل بيرڪ جي واش روم ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي جيل انتظاميا لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو. بعد ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل قيدي جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کان پوءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
جندل شاهه عرف حسين شاهه سال 2019ع کان سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ هلندڙ قتل جي ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو هو. ساڳئي ڪيس ۾ سندس ڀاءُ تگئيل شاهه ۽ ڪزن چيزِل شاهه پڻ سزا ڀوڳي رهيا آهن.
ذريعن موجب قتل جي ڪيس ۾ ٽنهي جوابدارن کي شروعاتي طور موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، پر بعد ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل جي نتيجي ۾ موت جي سزا تبديل ڪري عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي.
واقعي بابت جيل انتظاميا طرفان وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته قيدي پاران اهڙو انتهائي قدم کڻڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين طرفان جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.










