سکر (ن س) ايس ايس پي سکر احمد چوڌري جي هدايتن تي منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران دادلو ٿاڻي جي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي بدنام زمانه منشيات سپلائر جوابدار واجد علي بروهي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 5200 گرام چرس هٿ ڪري ورتي.پوليس موجب دادلوء ٿاڻي جي ايس ايڇ او پنهنجي عملي سان گڏجي ٿاڻي جي حدن ۾ ڪارروائي ڪندي منشيات سپلائي ڪندڙ جوابدار واجد علي بروهي کي گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدار جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪئي وئي. پوليس گرفتار جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي ڪيس نمبر 78/2026 قلم 9(i)D، 3 CNS Act تحت دادلوء ٿاڻي تي داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.










