سکر (ن س) ٽائون شپ سيڪٽر 3 ۾ ٿاڻي ايئرپورٽ جي حدن اندر حسنين مارٽ جي سامهون ٻن هٿياربندن شهري حارث کان هٿيارن جي زور تي هونڊا 125 ماڊل 2022 جي موٽرسائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.متاثر شهري موجب ٻئي هٿياربند موٽرسائيڪل روڪي هٿيار ڏيکاري سندس موٽرسائيڪل کسي فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڦريل موٽرسائيڪل جي واپسي لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.










