اسٽاڪ مارڪيٽ، ڪاروباري هفتي ۾ 2609 پوائنٽن جي لاٿ

اسٽاڪ مارڪيٽ، ڪاروباري هفتي ۾ 2609 پوائنٽن جي لاٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران منفي رجحان رهيو، 100 انڊيڪس 2609 پوائنٽن جي لاٿ کانپوءِ 1 لک 68 هزار 155 پوائنٽن تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3807 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، انڊيڪس جي بلند ترين سطح 1 لک 71 هزار 492، جڏهن ته گهٽ ترين سطح 1 لک 67 هزار 685 پوائنٽس رهي. هفتي دوران شيئر بازار ۾ 2.6 ارب شيئرز جا سود اٽڪل 93 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. اسٽاڪ مارڪيٽ جي مجموعي سرمائيداري ۾ پڻ 271 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 18 هزار 725 ارب رپين تي اچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو