مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 11.38 سيڪڙو رڪارڊ

مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 11.38 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي اداري شماريات مهانگائي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 11.38 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.وفاقي اداري شماريات کاتي جي رپورٽ موجب سالياني بنياد تي بصر 75.19 سيڪڙو ۽ ايل پي جي 68.95 سيڪڙو مهانگي ٿي جڏهن ته بجلي چارجز ۾ 25.59 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، هڪ سال ۾ پيٽرول 49.6 سيڪڙو ۽ ڊيزل 43.98 سيڪڙو مهانگو ٿيو.شماريات کاتي موجب هڪ سال ۾ اٽي جي قيمتن ۾ 35.13 سيڪڙو اضافو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 20.77 سيڪڙو مهانگو ٿيو، اهڙي طرح ڳاڙها مرچ 15.55 سيڪڙو، وڏي جو گوشت 14.09 سيڪڙو ۽ ننڍي جو گوشت 12.27 سيڪڙو مهانگو ٿيو جڏهن ته هڪ سال ۾ سادي ڊبل روٽي 9.02 سيڪڙو مهانگي ٿي.سالياني بنياد تي سستيون ٿيل شين ۾ ٽماٽا 63.65 سيڪڙو سستا ٿيا، هڪ سال ۾ پٽاٽا 39.93 سيڪڙو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ 23.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هڪ سال ۾ بيدا 19.83 سيڪڙو ۽ لوڻ 14.86 سيڪڙو سستو ٿيو. جڏهن مسور جي دال 8.97 سيڪڙو، ڳڙ 8.92 سيڪڙو ۽ مڱن جي دال 7.83 سيڪڙو سستي ٿي.شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي ۾ 0.04 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هڪ هفتي ۾ 23 عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو، 7 شيون سستيون ۽ 21 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.هفتيوار بنياد تي چڻن جي دال 7.97 سيڪڙو مهانگي ٿي، اٽو 3.36 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 3.31 سيڪڙو مهانگو ٿيو، بيدا 0.99 سيڪڙو ۽ ماش جي دال 0.98 سيڪڙو مهانگي ٿي جڏهن ته مسور جي دال 0.95 سيڪڙو ۽ ڪاٺين جي قيمت ۾ 0.69 سيڪڙو اضافو ٿيو.ٻئي طرف هفتيوار بنياد تي ٽماٽا 23.05 سيڪڙو سستا ٿيا، هڪ هفتي ۾ بصر 4.90 سيڪڙو ۽ ڪيلي جي قيمت ۾ 2.59 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جڏهن ته پيٽرول 0.70 سيڪڙو ۽ باسمتي ٽوٽا چانور 0.65 سيڪڙو، کنڊ 0.62 سيڪڙو سستي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو