ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نون صوبن جا ڪجهه مخالف پاڪستان کي نثا مڃين ٻيا پنهنجي مفاد ۾ مخالفت ڪري رهيا آهن.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ڪندي نون صوبن، سنڌ جي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ سعودي عرب سان يڪجهتي جي اظهار سميت مختلف معاملن تي پارٽي جو موقف بيان ڪيو. انهي موقعي تي ڊاڪٽر صغير احمد به انهي سان گڏ موجود هو.مصطفيٰ ڪمال چيو ته سمورن مسلمانن جو قبلو هڪ آهي. حرمين شريفين ۾ هن وقت جيڪا جنگ هلي رهي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان انهي جي مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته اسان گناهگار مسلمان آهيون پر پنهنجي حڪومت ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون، رهنمائي ملندي ئي انهي تي عمل جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي اهي اسان جا جذبات آهن. اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، سعودي عرب جي خلاف ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.نون صوبن جي حوالي سان مصطفيٰ ڪمال چيو ته انهي معاملي تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن انهي کي ڪوبه عنوان ڏئي ڇڏيو مان انهي کي نوان صوبا ئي چوندس هن چيو ته جيڪي ماڻهو نون يونٽس جي مخالفت ڪندا آهن انهن ۾ ڪجهه اهڙا آهن جيڪي پاڪستان کي به نٿا مڃين، جڏهن ته ٻيا ماڻهو پنهنجي مفاد جي لاءِ انهي جي مخالفت ڪري رهيا آهن.مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي سنڌي ڀائرن جي دماغ ۾ بغض وڌو پيو وڃي ۽ اهي ڳالهيون وڌيون پيون وڃن ته نوان صوبا بنجڻ سان قتل، غارت ٿيندي، هن چيو ته مان عوام کي سمجهائڻ چاهيان ٿو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو. هن شهر(ڪراچي) جو جيڪو حال ڪيو ويو آهي اهو به عوام جي لاءِ اذيت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٻار گٽري ۾ ڪري مري رهيا آهن ڇا اهو ظلم نه آهي؟ ٻارن کي وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آئي وي لڳايو ويو، سنڌ ۾ ٻارن ۾ ايڊز پکيڙيو ويو اهو سڀ به عوام سان قتل غارت ئي آهي هن جو چوڻ هو ته نون صوبن تي اهو چوڻ ته قتل غارت ٿيندي، اها ناجائز ڳالهه آهي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ جا سمورا ماڻهو منهنجا ڀائر ڀينرون آهن. سنڌ جي صورتحال ڪراچي کان وڌيڪ خراب آهي ايستائين جو پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي. هن چيو ته سنڌ جا ڀائر، ڀينرون ۽ ٻار اتان پاڻي پيئندا آهن جتان جانور پاڻي پيئندا آهن اهو سنڌ جو حال آهي.هن چيو ته جيڪو شخص اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته نون صوبن سان قتل، غارت ٿيندي اهو سراسر غلط ڳالهه ڪري رهيو آهي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن شهر ۾ ماضي ۾ قتل، غارت ٿيندي هئي پر هاڻ اها شيءَ ختم ٿي چڪي آهي، ماضي ۾ ٿيل قتل، وغارت ختم ڪرائيندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان آهي جيڪا عوام جي سامهون بيٺل آهي. هن چيو ته عوام جي ڪري اهو ڪم ڪيو ويو. پهريان پنهنجي اڳواڻ کي سمجهايو، جڏهن ڳالهه نه بڻجي ته پنهنجو اڳواڻ ئي ڇڏي ڏنو. هن سوال ڪيو ته ڪابه اهڙي پارٽي ڏيکاريو جنهن پنهنجي اڳواڻ کي ڇڏيو هجي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته اندرون سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو معصوم آهن، سنڌ جون ڪيتريون مائرون ۽ ڀينرون روڊن ويٺل آهن انهن جي ٻارن کي اغوا ڪيو ويو آهي، اهو اندرون سنڌ سان وڏو ظلم آهي، سنڌ جي عوام جو وڏو تعداد ايم ڪيو ايم سان گڏ آهي. سنڌ ۾ وڏن وڏن بزرگن جا نالا آهن جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارا سنڌين جو خراب سوچيندا ته پوءِ انهن بزرگن کي ڪهڙو جواب ڏيندا جيڪي انهن جا وڏا آهن. هاڻ اهو تعصب نه هلندو ته سنڌي ۽ مهاجر ڇا آهي.نون صوبن جي حوالي سان هن چيو ته صوبن جي ورهاست جي ڳالهه ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي آئين ۾ لکي آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي ملڪ رياست کان بيزار ماڻهو پيدا ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. 70 سالن کان عوام کي فوج سان وڙهايو پيو وڃي. اهو مسئلو هاڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي اڄ اسان جي فيلڊ مارشل کي پوري دنيا ۾ سٺي موٺ ملي رهي آهي فيلڊ مارشل سموري دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي هر ڀيري چوندا آهن ته 18هين ترميم 4 نوان ملڪ ٺاهي ڇڏيا آهن هي آزادي جو اعلان انهي لاءِ ناهن ڪندا ته انهن کي اڍائي ارب روپيه ملندا آهن، جيڪڏهن صوبن جو اعلان ٿي وڃي ته انهن کي اهي پئسا ملڻ بند ٿي ويندا. هن چيو ته اسان ته هن ملڪ کي ٻيهر جوڙڻ چاهيون ٿا، پيپلز پارٽي کي انهي وقت ڪاوڙ نٿي اچي جڏهن شهر جو ٻار گٽر ۾ ڪرندو آهي، ييلو لائن ٺاهيندڙ ورلڊ بينڪ جا پئسا کائي ويو، صوبائي حڪومت اهي لٽيل پئسا ورلڊ بينڪ کي واپس ڪيا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پيپلز پارٽي کي انهي تي ڪاوڙ ڇو نٿي اچي. وفاقي وزير چيو ته وفاق هڪ غلط ڪم ڪيو جنهن ۾ صوبي کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم نه ڪڏهن اڳ استعمال ٿي آهي ۽ نه آئنده ڪوبه ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پوري قوم قرضدار آهي. اسان يا عوام اهو قرض ناهي ورتو. آئي ايم ايف جون شرطون ايتريون وڌي ويون آهن جو اسان چاهيندي به ڪجهه نٿا ڪري سگهون. جيڪو قرض ڏيندو آهي انهي جون شرطون به مڃڻيون پونديون آهن. آءِ ايم ايف جيستائين نه هو انهي وقت به بيروزگاري وڌيل هئي.پنجاب حڪومت جي خاموشي بابت سوال تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته خاموشي جو مطلب رضامندي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو خاموش آهن ته انهي جو مطلب آهي ته سمجهدار ماڻهو آهن. هن مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جا ڪمرا اهڙا آهن جيئن ديوارون ڊالرن سان ٺهيل هجن، وڏا بزدل هوندا آهن اهي ماڻهو جيڪي موت کان بي خوف ٿيندا آهن انهن ماڻهن جي لاءِ حرام ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي.










