سعودي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي، حوثي حملن جي سخت مذمت

سعودي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي، حوثي حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب تي حوثي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ سعودي قيادت توڙي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هفتيوار پريس بريفنگ دوران، پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي هڪ اڻ حل ٿيل مسئلو آهي، ۽ ڀارتي دعوائون توڙي حربا ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿا ڪري سگهن.ترجمان وزيراعظم جي ڪرغزستان جي دوري جو به ذڪر ڪيو، جنهن دوران پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي عزم جي تجديد ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن (MoUs) تي صحيحون ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو