اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران ٻاڙائي  رهي

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران ٻاڙائي رهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڪاروباري هفتي دوران ناڪاري رجحان رهيو، جنهن سبب 100 انڊيڪس 1066 پوائنٽون گهٽجي 16 لک 67 هزار 89 پوائنٽن تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3834 پوائنٽن جي حد اندر ڪاروبار ڪندو رهيو. انڊيڪس جي هفتي دوران بلند ترين سطح هڪ لک 69 هزار 486 پوائنٽون، جڏهن ته گهٽ ترين سطح هڪ لک 65 هزار 651 پوائنٽون رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سڄي هفتي دوران 2 ڏهائي 13 ارب شيئرز جا سودا 90 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.ٻئي طرف اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ 156 ارب رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اها گهٽجي 18 هزار 569 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو