لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته ملڪ بھر ۾ ڌرڻا ۽ احتجاجي ريليون جاري رهنديون.لاهور مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس هاڻي 7 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.جماعت اسلامي جي نائب امير چيو آهي ته جماعت اسلامي مان عنايت الله، فراست علي، ضياءُ الدين، نصر الله رنڌاوا ۽ نويد علي کي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته اهو حڪومت تي منحصر آهي ته اها ڪيتري سنجيدگي سان ۽ ڪيتري وقت ۾ مسئلي کي حل ڪري ٿي.لياقت بلوچ اهو به چيو آهي ته جماعت اسلامي جا ڌرڻا عوام جي مسئلن جي حل لاءِ آهن.










