ڪراچي(رپورٽ مرتضيٰ مهر) سنڌ پوليس جي سڄي صوبي سان تعلق رکندڙ 341 جونيئر ڪلارڪن کي گريڊ 11 هين مان سينئر ڪلارڪ گريڊ 14 هين ۾ ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
29 سيپٽمبر تي ٿيل ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي سفارشن موجب آءِ جي سنڌ جي صحيح سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن جي ٻئي حصو ۾ چيو ويو آهي ته 62 جونيئر ڪلارڪن جي ترقي جي منظوري کٽل اي سي آرز سان مشروط ڪئي وئي آهي ۽ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته 30 ڏينهن اندر گهربل دستاويز جمع ڪرائين.
نوٽيفڪيشن جي ٽئين حصي موجب 12 جونيئر ڪلارڪ اهڙا آهن جن جا پڻ دستاويز جن ۾ اي سي آر به شامل آهن اهي پورا نه آهن. انهن مان هر هڪ جي نالي اڳيان سبب ڄاڻايل آهن.
نوٽيفڪيشن جي چوٿين حصي موجب 24 جونيئر ڪلارڪ اهڙا آهن، جن جي ترقي جي سفارش ناهي ڪئي وئي، واسطيدار اميدوارن جي نالن اڳيان ان جا سبب لکيل آهن.
نوٽيفڪيشن جي پنجين حصي موجب 6 جونيئر ڪلارڪ اهڙا آهن جن جي پڻ ترقي مختلف سببن جي ڪري روڪي وئي آهي ۽ سندن نالن اڳيان ان جو سبب ڄاڻايل آهي.
پهرين سيپٽمبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ترقي حاصل ڪندڙ ملازمن مان ڪنهن جي به ڪرمنل رڪارڊ بابت جڏهن ڪا معلومات سامهون آئي ته سندن پروموشن ختم ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو










