صنفي برابري ۾ اڳڀرائي، پر 40 لک ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر

صنفي برابري ۾ اڳڀرائي، پر 40 لک ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جمعي ڏينهن صوبي اندر صنفِي برابريءَ جو هڪ تاريخي جائزو پيش ڪندي پنهنجي پهرين ’صنفِي برابري رپورٽ‘ پڌري ڪئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني صوبائي کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي خاص سڌارا آڻين، صنفِي ضرورتن کي نظر ۾ رکندڙ طرزِ حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪن ۽ عورتن توڙي ڇوڪرين لاءِ تعليم، صحت، معاشي موقعن ۽ نمائندگيءَ تائين پهچ کي بهتر بڻائين. هيءَ رپورٽ وڏي وزير جي انساني حقن واري خاص معاون راجوير سنگهه سوڍو پاران وزيراعليٰ هائوس ۾ پيش ڪئي وئي. هيءَ رپورٽ صحت، تعليم، انصاف، حڪمراني، معاشي شموليت ۽ آباديءَ جي انگن اکرن سميت اهم شعبن ۾ صنفِي اڻبرابريءَ ۽ اڳڀرائيءَ بابت پهريون مڪمل صوبائي بنياد فراهم ڪري ٿي. رپورٽ ۾ مائرن جي صحت، عورتن جي روزگار ۽ سياسي سرگرمين ۾ نمايان واڌاري کي واضح ڪرڻ سان گڏوگڏ پڙهائي، اسڪولن ۾ نالن جي رجسٽريشن، ملازمتن ۾ نمائندگيءَ، ڊجيٽل پهچ ۽ فيصلا ڪندڙ عهدن تي عورتن جي اڃا تائين برقرار وٿين جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صنفِي برابري رڳو سماجي انصاف جو معاملو ناهي، پر اها پائيدار ترقيءَ لاءِ به هڪ لازمي شرط آهي. هيءَ رپورٽ اسان کي واضح سمجهه ڏئي ٿي ته ڪهڙن شعبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪٿي فوري قدمن جي ضرورت آهي. اسان انهن نتيجن کي صوبي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائيندڙ پاليسين ۽ پروگرامن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ کين بهادري، جمهوري قدرن ۽ صنفِي برابريءَ جو هڪ عالمي نشان قرار ڏنو. رپورٽ موجب سال 2023 ۾ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار تائين پهچي وئي جيڪا 2.57 سيڪڙو سالياني شرح سان وڌي رهي آهي، جنهن ۾ هر 100 عورتن جي مقابلي ۾ مردن جو انگ 108.76 آهي. رپورٽ ۾ صحت جي شعبي ۾ لڳاتار اڳڀرائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي سرڪاري فنڊن جي ورڇ سال 24-2023 ۾ 214.5 ارب رپين مان وڌي سال 25-2024 ۾ 267.54 ارب رپيا ٿي وئي آهي ۽ سال 26-2025 ۾ ان جي وڌي 318.22 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي. مائرن جي فوتگيءَ جي شرح 314 مان نمايان طور تي گهٽجي هر هڪ لک زنده ڄمندڙ ٻارن تي 224 تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته نون ڄاول ٻارن جي فوتگيءَ جي شرح هر هزار زنده ڄمندڙ ٻارن تي 24 هئي. انهن اڳڀراين جي باوجود، تعليم جو شعبو صوبي جي سڀ کان وڏن چئلينجن مان هڪ آهي. رپورٽ ڏيکاري ٿي ته مردن جي پڙهائيءَ جي شرح 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته عورتن ۾ اها 47 سيڪڙو آهي جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ پڙهائيءَ جي شرح ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين گهٽ يعني 27.52 سيڪڙو آهي. 5 کان 16 سالن جي عمر جون 40 لک 80 هزار کان وڌيڪ ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن. انصاف جي شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي اڃا تائين گهٽ آهي اهي پوليس فورس ۾ رڳو 4.34 سيڪڙو، پبلڪ پراسيڪيوٽرن ۾ 18.3 سيڪڙو ۽ ججن ۾ 13.7 سيڪڙو آهن. رپورٽ ۾ سال 2024 دوران صنفِي بنياد تي تشدد جا 3,085 ڪيس به دستاويز ڪيا ويا آهن، جيڪي تحفظ جي مضبوط انتظامن ۽ انصاف تائين بهتر پهچ جي ضرورت کي واضح ڪن ٿا. رپورٽ پيش ڪندي راجوير سنگهه سوڍو ان کي سنڌ جي انساني حقن واري ڍانچي لاءِ هڪ سنگِ ميل ۽ صنفِي ضرورتن تي ٻڌل پاليسي سازيءَ جو بنياد قرار ڏنو. رپورٽ موجب عورت ووٽرن جو اندراج 1 ڪروڙ 20 لک کان وڌي ويو آهي جڏهن ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ عورتن جو انگ سال 2018 ۾ 23 مان وڌي سال 2024 ۾ 53 ٿي ويو. اهڙي ئي نموني، ليبر فورس ۾ عورتن جي شموليت 43.8 سيڪڙو مان وڌي 46.2 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته روزگار ڪندڙ عورتن جو انگ 24 لک 80 هزار مان وڌي 33 لک 20 هزار ٿي ويو. تنهن هوندي به رپورٽ ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ڊجيٽل رابطي، مالي شموليت، مهارتن جي ترقي، ڪاروباري سرگرمين ۽ معزز روزگار تائين پهچ سان لاڳاپيل رڪاوٽون اڃا تائين عورتن جي مڪمل معاشي شموليت کي محدود ڪن ٿيون. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت خاص سيڙپڪاريءَ، ادارتي سڌارن ۽ صنفِي ضرورتن کي نظر ۾ رکندڙ ترقياتي منصوبابنديءَ ذريعي انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سنڌيار جي بدين واري نمائندي مرتضيٰ ميمڻ موجب سنڌ ۾ صنفي برابري ۽ عورتن جي حقن بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي سنڌ جي انساني حقن واري کاتي ۽ گڏيل قومن جي آبادي واري فنڊ (UNFPA) جي سهڪار سان سنڌ جي تاريخ جي پهرين سنڌ جينڊر پيريٽي رپورٽ (SGPR) 2023-2024 تيار ڪئي وئي جنهن جي تياري واري اهم تحقيقي عمل ۾ ٽنڊوباگو سان تعلق رکندڙ بسمه سليم ميمڻ بطور ڪنسلٽنٽ ڪور ٽيم جو حصو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو