ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي مان اڳوڻي ايم پي اي جمال صديقي جي ڪار چوري ٿي وئي، جنهن بابت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي جمال صديقي ٻڌايو ته اها ڪار سندس ڀاءُ استعمال ڪري رهيو هو؛ جڏهن سندس ڀاءُ هڪ ريسٽورنٽ مان ماني کائي واپس موٽيو ته ڪار غائب هئي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ، ظهير الدين، ڪار چوري ٿيڻ بابت زمان ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.










