لاڙڪاڻو(ن س )ڇٺيءَ جي تقريب دوران هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب هڪ نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ زخمين ۽ فوتي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پهچي وئي ۽ هوائي فائرنگ واري واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.










