حيدرآباد (ن س ) سنڌ ۾ 24 سيڪڙو کان وڌيڪ ڇوڪرين جي شادي 18 سالن جي عمر کان اڳ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته 7.5 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 15 سالن جي عمر کان اڳ ڪرائي وئي هئي. ٻئي طرف ڇوڪرن ۾ 18 سالن جي عمر کان اڳ شاديءَ جي شرح 8.5 سيڪڙو، جڏهن ته 15 سالن کان اڳ شاديءَ جي شرح 2.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.اهي انگ اکر نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف چائلڊ پاران يونيسيف جي سهڪار سان تيار ڪيل رپورٽ ”دي اسٽيٽ آف چلڊرن اِن پاڪستان 2024“ ۾ شامل آهن. يونيسيف جي اها تحقيق سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف سماجي پس منظر رکندڙ ماڻهن سان ڪيل انٽرويوز ۽ گروپ بحثن تي ٻڌل آهي. تحقيق دوران 400 کان وڌيڪ مردن، عورتن، ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ لاڳاپيل ڌرين کان معلومات حاصل ڪئي وئي. رپورٽ موجب ننڍي عمر ۾ شاديءَ جو مسئلو رڳو خانداني فيصلن تائين محدود ناهي، پر ان جي پويان غربت، تعليم جا محدود موقعا، سماجي اميدون ۽ صنفي اڻبرابري جهڙا عنصر پڻ ڪارفرما آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 20 کان 24 سالن جي عمر وارين 24.7 سيڪڙو عورتن جي شادي 18 سالن جي عمر کان اڳ ٿي هئي، جڏهن ته 7.5 سيڪڙو عورتن جي شادي 15 سالن جي عمر کان اڳ ڪرائي وئي هئي. رپورٽ ۾ ڏنل اهي انگ اکر سنڌ جي ملٽي پل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي 2018-19ع تي ٻڌل آهن، تنهنڪري انهن کي 2026ع ۾ ننڍي عمر جي شادين جي موجوده شرح قرار نٿو ڏئي سگهجي.










