پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم

پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي مرضي سان شادي ڪندڙ نئين شادي شده جوڙي جي جان، عزت ۽ ملڪيت جو ضروري تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي ٻڌل آئيني بينچ، جنهن جي سربراهي جسٽس محمد سليم جيسر ڪئي، پوليس کي اهو به حڪم ڏنو ته مڙس خلاف داخل اغوا جي ڪيس ۾ درخواست گذار عورت پاران رڪارڊ ڪرايل بيان جي روشني ۾ لاڳاپيل مئجسٽريٽ آڏو رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
گهرو کاتي، پوليس جي مختلف آفيسرن ۽ ڪجهه خانگي ماڻهن کي ڌر بڻائيندي ثانيا بلوچ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. هن موقف اختيار ڪيو ته هن محمد عاقل سان پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ عدالت کان تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي.
درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏنو ته سندس موڪل بالغ ۽ قانوني طور پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ جي اهل آهي ۽ هن ڪنهن به قسم جي زور، زبردستي يا دٻاءَ کانسواءِ آگسٽ ۾ شادي ڪئي هئي. هاڻي هوءَ پنهنجي ازدواجي ذميواريون ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي مڙس سان خوشيءَ سان گڏ رهي رهي آهي.
وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته درخواستگذار جي خاندان جا ماڻهو، خاص طور سندس والد، هن جي شادي تي ناراض ٿي ويا آهن ۽ درخواستگذار ۽ سندس مڙس ٻنهي کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. خاندان طرفان هن جي اغوا بابت ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي آهي، جيڪا پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 365-بي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام واري ايڪٽ 2018ع جي قلم 2/3 تحت ضلعي عمرڪوٽ جي نبيسر روڊ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.
صوبائي قانوني آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سرڪاري ڌريون قانون موجب سڀني شهرين، جن ۾ درخواستگذار به شامل آهن، کي بنا ڪنهن فرق جي تحفظ فراهم ڪرڻ جون پابند آهن. انهن تي لازم آهي ته درخواستگذار ۽ سندس مڙس جي جان، عزت ۽ ملڪيت کي قانوني تحفظ فراهم ڪن.
ان کانپوءِ درخواستگذار جي وڪيل، سرڪاري ڌرين، پوليس آفيسرن ۽ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل پاران ڏنل بيانن مان مطمئن ٿي، عدالت کان درخواست ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي ۽ سرڪاري ڌرين کي ضروري تحفظ فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ چيو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو: ”مٿي ڪيل سموري بحث جي روشني ۾ هي درخواست ان هدايت سان نيڪال ڪئي وڃي ٿي ته سرڪاري ڌريون قانون موجب سختيءَ سان عمل ڪن ۽ درخواستگذار عورت ۽ سندس مڙس کي جان، آزادي، عزت ۽ ملڪيت جو ضروري قانوني تحفظ فراهم ڪن، اهڙي طريقي سان جو ڪو به شخص کين هراسان نه ڪري سگهي.“
ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي يقين ڏياريو ته هن عورت جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي ۽ ان بابت رپورٽ لاڳاپيل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو