’سنڌ ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائڻ ترجيح آهي‘

’سنڌ ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائڻ ترجيح آهي‘

شنگهائي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ بهتر، جديد ۽ ماحول دوست بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته بسن جي نئين کيپ نومبر 2026ع تائين ڪراچي پهچي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شنگھائي ۾ بسون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي اختيارين سان اهم ملاقاتون ڪيون.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان يوٽونگ بس ٺاهيندڙ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مسٽر رابن شين ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪمپني پاران سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرائڻ لاءِ سهڪار ۽ معاونت جي آڇ ڪئي وئي.
شرجيل انعام ميمڻ هائيگر بس ڪمپني جي نائب صدر ليو زينگ سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسن کي فعال بڻائڻ لاءِ انهن جي فراهميءَ جو عمل تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ڪمپني جي نمائندن سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي خاطري ڪرائي ته بسن جي پهرين کيپ نومبر 2026ع ۾ فراهم ڪئي ويندي.
ملاقاتن دوران گرين انرجي جي واڌاري ۽ سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، متحرڪ ۽ جديد بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقاتن ۾ رٿابندي ۽ ترقي وارو سيڪريٽري نجم شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ اسد ضامن ۽ ٻيا عملدار پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي ڪم ڪري رهي آهي. بي آر ٽي جي مختلف لائينن کي فعال ۽ آپريشنل بڻائڻ ۽ عوام کي جديد، اثرائتي ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي وٺرائڻ سنڌ حڪومت جي پاليسيءَ جو اهم حصو آهي. سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي اثرائتو، جديد ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري ۽ بين الاقوامي سهڪار جي نون موقعن مان ڀرپور فائدو ورتو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو