نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (UNGA) جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم آفيس (PMO) سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن ۽ علائقي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
وزيراعظم آفيس موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجا آصف ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي پڻ موجود آهن، جڏهن ته ايران طرفان پرڏيهي وزير عباس عراقچي به شرڪت ڪري رهيو آهي.
ٻنهي اڳواڻن ان کان اڳ آگسٽ ۾ ڪرغزستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي. ان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن ۽ ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپن جي ٻيهر تصديق ڪئي وئي هئي.
ايراني صدر سان خميس ڏينهن ٿيل ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن اسلام آباد وچ اوڀر ۾ جاري جنگ بابت آمريڪا ۽ ايران کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون جاري رکيو پيو اچي.
ايران جو سخت موقف
ايراني صدر مسعود پزشڪيان اربع ڏينهن گڏيل قومن کي خطاب ڪندي سخت موقف اختيار ڪيو. اهو سندس پهريون خطاب هو، جڏهن کان آمريڪا ۽ اسرائيل سندس ملڪ خلاف ڀرپور جنگ شروع ڪئي آهي.
هن عزم جو اظهار ڪيو ته تهران ڪڏهن به ”گوڏا نه کوڙيندو“.
پنهنجي سخت لهجي واري خطاب ۾ پزشڪيان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ جاري رهيل ڳالهين جو ڪو به حوالو نه ڏنو.
بهرحال، ايران هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ آمريڪا سان ٻيهر ڳالهين جي ميز تي اچڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجي آمادگي جو اشارو ڏنو هو.
ايران طرفان ان معاملي تي لچڪ جو اظهار ان وقت ڪيو ويو، جڏهن ايراني صدر پزشڪيان ۽ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي وچ ۾ ملاقات ٿي. محسن نقوي پنهنجي تهران جي دوري دوران ايراني صدر سان ملاقات ڪئي هئي.
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون جاري
تازي سفارتي سرگرميون پاڪستان جي ثالثي سان 17 جون تي طئي ٿيل 14 نقطن واري اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ تيز ٿيون آهن.
ان کان پوءِ به تڪرار وقفي وقفي سان ٿيندڙ حملن ۽ ايران جي بندرگاهن جي آمريڪي سامونڊي ناڪابندي سان جاري رهيو آهي، جڏهن ته ايران اهم سامونڊي رستي مان ٿيندڙ آمدرفت تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکيو آهي.
پاڪستان ان دوران سفارتي رستو کليل رکڻ لاءِ ڪوششن ۾ سرگرم رهيو آهي.
چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي انتظاميا سان پنهنجا رابطا استعمال ڪيا آهن، جڏهن ته پاڪستاني عملدار تهران جا بار بار دورا پڻ ڪري چڪا آهن.
سفارتي ذريعن موجب نيويارڪ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فوري طور تي جاري سفارتي رابطا قطر جي نگراني هيٺ آهن، جڏهن ته پاڪستان تهران سان هڪ متوازي سفارتي چينل ذريعي رابطو ڪري رهيو آهي.
علائقائي سفارتي ڪوششون ان لاءِ تيز ڪيون ويون آهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازو شروع ٿيل سفارتي رابطا ٻيهر ناڪام نه ٿين.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٻيهر شروع ٿيل رابطن بابت آمريڪي ۽ عالمي ميڊيا جي رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته قطر ۽ پاڪستان ٻئي واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ رابطا کليل رکڻ لاءِ ڪوششن ۾ شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف کان جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪرڻ جي اميد آهي.










