اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ لڳ ڀڳ پوڻن چار سالن دوران 37 هزار 307 ارب رپين جو تاريخي اضافو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويزن جي بنياد تي سامهون آيل تفصيلن موجب، شهباز شريف جي دور جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي لڳ ڀڳ پوڻن چار سالن واري دور ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 18 هزار 323 ارب رپين جو اضافو ٿيو هو.
شهباز شريف جي پهرين ۽ موجوده حڪومتي دور جي لڳ ڀڳ پوڻن چار سالن جي عرصي دوران پي ٽي آءِ حڪومت جي لڳ ڀڳ ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 104 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 37 هزار 307 ارب رپين جو، جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت جي عرصي دوران وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 18 هزار 327 ارب رپين جو اضافو ٿيو هو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف جي پهرين دور، يعني اپريل 2022ع کان جولاءِ 2023ع تائين 16 مهينن دوران وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 18 هزار 764 ارب رپين جو اضافو ٿيو هو، جڏهن ته موجوده حڪومت جي شروعاتي 29 مهينن، يعني مارچ 2024ع کان جولاءِ 2026ع تائين، وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 18 هزار 543 ارب رپين جو اضافو ٿيو.










