پشاور(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 7 خارجي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنته الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندي سندن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ تباهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ”عزمِ استحڪام“ ويزن تحت دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رکيون پيون وڃن، جڏهن ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي محدود ڪرڻ لاءِ آپريشنل سرگرميون پڻ جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران فورسز پيشوراڻي مهارت سان دهشتگردن جو تعاقب ڪيو ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪئي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي عيدڪ واري علائقي ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.محسن نقوي دعويٰ ڪئي ته آپريشن دوران 7 ڀارتي سرپرستيءَ هيٺ مبينا دهشتگرد مارجي ويا، ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيو.گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون ساراهه جوڳيون آهن ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ پائيدار امن لاءِ ڪوششون جاري رهنديون.










