اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جا الڳ الڳ اجلاس اڄ شام 6 لڳي 15 منٽن تي طلب ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر مملڪت وزيراعظم جي صلاح تي اجلاس طلب ڪيا آهن. ٻئي اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندا. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ڪاميٽيءَ جو اجلاس به اڄ شام ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پارليامينٽ ميمبرن جو اجلاس ايوانِ صدر ۾ طلب ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ نيئر بخاريءَ جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت حتمي فيصلو اڄ پارليامينٽ ۾ آئيني طريقيڪار تحت ڪيو ويندو.










