سينيئر صحافي عبداش پنهور مٽي ماءُ حوالي،تعزيت جو سلسلو جاري

سينيئر صحافي عبداش پنهور مٽي ماءُ حوالي،تعزيت جو سلسلو جاري

دوڙ (ن س )دوڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ جي نامياري اديب دانشورقلم ڪارترقي پسند سنيئر صحافي عبداش پنهور 60 سالن جي ڄمار مين ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو، مرحوم عبداش پنهور جي جنازي نماز ڳوٺ دولو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي چيئرمين ثمر حيدر جتوئي ڄام سارنگ غلام اڪبر جلباڻي يوسي خان محمد جلباڻي جو چيئرمين غلام رسول جمالي ارباب علي مري غلام قمبر مري سينئر صحافي نثار حسين لاشاري شاعرمعشوق ڌاريجو سيد شفيق احمد شاھ چسقم اڳوڻ طاھر زرداري علي رضا خاصخيلي ايس يو پي جي تعلقي صدر مجاهد رستماڻي امان الله بروهي جسقم جي فيروز لغاري ايس ٽي پي جي ظفرعلي بروهي سميت دوڙ شهر جي سياسي، سماجي، قومپرست، صحافتي ۽ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي جنازي نماز کانپوءِ مرحوم جو مڙهه اباڻي قبرستان درگاهه ڳاڙهو پير ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏنھن تا سندس ڀاءُ صحافي خادم حسين پنھور مخيار علي پنھور سان تعزيتن جو سلسلو پڻ جاري آھي۔ پ پ پ ضلعي صدر سالم زرداري پ پ پ دوڙ سٽي صدر دوڙ ظفر علي زرداري منير عباس زرداري جھانزيب ابرار گورچاڻي جسقم بشير خان اڳوڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي حاجي بچل جمالي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن پھچي تعزيت پڻ ڪئي..جنازي نماز ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي, ڪامريڊ سارنگ ڄام, محبوب حيدر جتوئي, پروفيسر وجود شر ,وحيد لاشاري, صحافي غلام محمد سيال, ايس يو پي اڳواڻ مجاهد رستماڻي, جسقم اڳواڻ خير محمد لغاري, شفيق شاھ, مشتاق پنيهار,غلام قمبر مري, رزاق مري, معشوق ڌاريجو, ڪرم علي جمالي, مبارڪ شاھ پ پ اڳواڻ غلام حسين ديناري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي قبر تي گل نڇاور ڪري سنڌ ورهائڻ واري سازش خلاف صحافي عبداش پنهور جي ڪيل جدوجهد تي سڀني ساٿين سان گڏ وچن ڪيو ته سنڌ خلاف هر سازش کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين۔اڳواڻن سينئر صحافي عبداش پنهور کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عبداش پنهور شاگرد سياست ۾ سرگرمي سان ڀرپور حصو ورتو. عبداش پنهور ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن , ڊي ايس ايف جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان گڏ آخري عمر تائين صحافت سان سلهاڙيل رهيو. هن باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نظريعي تي هلندي حقيقي قلم سان سلهاڙيل رهيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر رهيو۔ هن سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ۾ صحافتي ڊيوٽي سرانجام ڏني. هن اصول پسندي سان سڄي ڄمار صحافت ڪئي. هن جي لاڏاڻي تي دوڙ جي سياسي سماجي شخصيتن سميت مظلوم طبقي ۾ هڪ وڏو خال پيد ٿيو آهي سندس جي ڪيل جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔

جسقم چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پاران سينيئر صحافي عبدالرحمان پنهور جي وارثن سان تعزيت
دوڙ ڀرسان ڳوٺ دولو ۾ جسقم شهيد بشير خان قريشي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پهچي سينيئر صحافي، ليکڪ ۽ اديب عبدالرحمان عرف عبداش پنهور جي وڇوڙي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مرحوم جي ڀاءُ خادم حسين پنهور، مختيار پنهور، سئوٽ ۽ صحافي اميد علي پنهور، جڏهن ته سئوٽ محرم علي پنهور سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي بلند درجات، مغفرت ۽ وارثن کي صبر جميل عطا ڪرڻ لاءِ دعا گهري.ان موقعي تي جسقم شهيد بشير خان قريشي جو جنرل سيڪريٽري پنھل ساريو، مجيب آزاد ڀيلار، تعلقه دوڙ صدر طاهر زرداري، جنرل سيڪريٽري لال ڏنو وسواڻو، راشد بروهي، سعيد خاصخيلي، فيروز پنهور، عارف سمون، ڪاشف ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.اڳواڻن مرحوم عبدالرحمان عرف عبداش پنهور جي صحافتي، ادبي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيندي سندس وڇوڙي کي صحافت ۽ ادب لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو