اهم شخصيتن جي سيڪيورٽيءَ جو نئين سر جائزو ورتو وڃي

اهم شخصيتن جي سيڪيورٽيءَ جو نئين سر جائزو ورتو وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گھرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم شخصيتن ۽ سياسي توڙي مذهبي اڳواڻن جي سيڪيورٽيءَ بابت انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍهو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي ته سمورين اهم شخصيتن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽيءَ جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽيءَ جي رپورٽ، سفارشن ۽ موجود معلومات کي بنيادي اهميت ڏني وڃي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به شخصيت کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ يا ان ۾ اضافو ڪرڻ جو فيصلو حقيقي خطرن ۽ سيڪيورٽيءَ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو وڃي. گھرو وزير صوبائي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽيءَ جي نالي تي مقرر ڪيل اضافي نفري کي فوري طور واپس گهرايو وڃي، جڏهن ته غير مجاز طريقي سان فراهم ڪيل سيڪيورٽي ختم ڪرڻ لاءِ به اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته سيڪيورٽي انتظامن ۾ غير ضروري مقررين جي ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي ۽ موجود نفريءَ کي ضرورتن ۽ ترجيحن موجب استعمال ڪيو وڃي. ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو عمل شفاف، اثرائتو ۽ باقاعده نگرانيءَ هيٺ هجڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ لاڳاپيل ادارا سيڪيورٽيءَ بابت فيصلا ٺوس معلومات، خطرن جي نوعيت ۽ ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ ڪن، ته جيئن وسيلن جو صحيح استعمال يقيني بڻائي سگهجي. صوبائي وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، پر ان مقصد لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جي دستيابي ۽ سندن اثرائتي مقرري کي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن زور ڏنو ته سيڪيورٽي وسيلن کي غير ضروري مقصدن لاءِ مختص ڪرڻ بدران اهڙن هنڌن ۽ شخصيتن جي تحفظ تي ڌيان ڏنو وڃي، جتي خطرن جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي نفري مقرر ڪرڻ ضروري هجي. صوبائي گھرو وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي انتظامن جو مسلسل جائزو ورتو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم گڏيل ۽ منظم طريقي سان مڪمل ڪيا وڃن، ته جيئن حقيقي خطرن کي منهن ڏيندڙ شخصيتن جو تحفظ يقيني بڻائڻ سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي افرادي قوت مان به ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو