بلوچستان ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم تنظيم فتنه الهندستان جا 5 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 12 ۽ 13 آڪٽوبر جي وچ واري رات دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر جي ڄاڻ موجب ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم هئا، جڏهن ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عزمِ استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون مڪمل رفتار سان جاري رهنديون.پاڪستان ۾ ٻاهرين سرپرستي ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو