ڊي آءِ خان ۾ قلم 144 لاڳو، جلوسن ۽ ڊبل سواريءَ تي پابندي

ڊي آءِ خان ۾ قلم 144 لاڳو، جلوسن ۽ ڊبل سواريءَ تي پابندي

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر حڪمت الله ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هڪ مهيني تائين قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت جلسن، جلوسن، ريليز ۽ عوامي گڏجاڻين تي 30 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ضلعي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻٽي سواري، هٿيارن جي نمائش ۽ روڊن تي خيما لڳائڻ تي به پابندي هوندي. ڊپٽي ڪمشنر موجب، قلم 144 جو نفاذ 13 آڪٽوبر کان 11 نومبر تائين جاري رهندو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته پابندين جو مقصد ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ آهي. نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 188 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو