ڪراچي ۾  منڪي پاڪس جي ٻئي ڪيس جي تصديق

ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جي ٻئي ڪيس جي تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي هڪ 19 سالن جي نوجوان ۾ منڪي پوڪس جي تشخيص ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ متاثر ٿيل ڪيسن جو تعداد 41 تائين پهچي ويو آهي.اسپتال جي عملدارن موجب، متاثر مريض کي ڪالهه سنڌ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال آندو ويو هو.متاثر نوجوان جي جسم تي خارش جي شڪايت تي نمونيا ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا ۽ پي سي آر ٽيسٽ ۾ نوجوان ۾ منڪي پوڪس جي موجودگي جي تصديق ٿي.اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هن سال سنڌ ۾ منڪي پوڪس جي ڪيسن جو تعداد 41 تائين پهچي ويو آهي، جن مان 13 ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو