اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ خميس ڏينهن انساني حقن جي وڪيل ايمان زينب مزاري-حاضر ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا جون تڪراري سوشل ميڊيا پوسٽن واري ڪيس ۾ ڏنل سزائون معطل ڪري ڇڏيون.
اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي ٻن رڪني بينچ ڪيو، جنهن ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل هئا. بينچ جوڙي پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ فيبروري ۾ سندن سزائون معطل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
24 جنوري تي اسلام آباد جي سيشن عدالت ايمان ۽ هادي کي اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام واري قانون (پيڪا) تحت مختلف الزامن ۾ مجموعي طور 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ٻئي هڪ الڳ ڪيس ۾ جيل موڪليا ويا هئا. جوڙي کي سزا ٻڌائڻ واري فيصلي تي وڪيلن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ اڳواڻن پاران وڏي پيماني تي تنقيد ڪئي وئي هئي.
خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻنهي کي 2 لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته کين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.
جسٽس افغان ريمارڪس ڏنا ته، ”ٻئي وڪيل آهن ۽ اسان سندن عزت جو خيال رکون ٿا.“ تنهن هوندي به هن سينيئر وڪيل فيصل صديقي، جيڪو جوڙي جو وڪيل آهي، کي چيو ته هو پنهنجي موڪلن کي عدالت جي وقار ۽ آداب جو خيال رکڻ لاءِ چوي.
جج چيو ته ”وڪيل ۽ عام ماڻهو ۾ فرق هوندو آهي.“
فيصل صديقي دليل ڏنو ته سپريم ڪورٽ 12 مئي تي پنهنجو پهريون حڪم جاري ڪيو هو، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي هدايت ڪئي وئي هئي ته سزائون معطل ڪرڻ بابت درخواست جو جلد کان جلد فيصلو ڪيو وڃي، ترجيحي طور تي ٻن هفتن اندر.
12 مئي تي سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ايمان ۽ هادي جون سزائون معطل ڪرڻ واريون درخواستون ٻن هفتن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏنو هو. 26 مئي جي مقرر ڪيل مدي گذري وڃڻ باوجود نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سپريم ڪورٽ جي ان حڪم کي چئلينج ڪيو ۽ ان کي واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي.
ٻڌڻي دوران فيصل صديقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل مختلف ٻڌڻين جا حڪمناما پڻ پڙهي ٻڌايا.
هڪ موقعي تي سپريم ڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل رانا اسدالله خان، جيڪو روسٽرم تي بيٺو هو، کي ويهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته عدالت پهريان فيصل صديقي جا دليل ٻڌندي.
ان تي صديقي مذاق ڪندي چيو، ”هن کي ويهڻ ڏيو، جيتوڻيڪ هن يقيناً اسان کي ٿڪائي ڇڏيو آهي.“ هن اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي ان ريمارڪس جو حوالو پڻ ڏنو ته ڪنهن ڪيس جي ٻڌڻي تڏهن ئي ملتوي ٿيندي آهي، جڏهن جج يا وڪيل مان ڪنهن جو انتقال ٿي وڃي.
وڪيل افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪيترائي ڀيرا ملتوي ڪئي ۽ سندس موڪلن پاران جلد ٻڌڻي لاءِ ڏنل درخواست به هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس رد ڪري ڇڏي.
وڪيل چيو، ”هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو اسان لاءِ حيرت جو سبب بڻيو.“
ان تي جسٽس اشتياق ابراهيم ريمارڪس ڏنا، ”اڄڪلهه جو دور ئي حيرتن جو دور آهي.“
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڃا تائين ڪو به مخالف يا ناڪاري فيصلو جاري ناهي ڪيو. هن چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ست موقعا فراهم ڪيا ويا هئا.
هن نشاندهي ڪئي ته ضابطه فوجداري جي سيڪشن 426 تحت سزا معطل ڪرڻ جو عدالتي فورم هاءِ ڪورٽ آهي.
جسٽس افغان ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس کي جلد اڪلائڻ لاءِ هميشه سپريم ڪورٽ جي هدايتن جو حوالو ڏيندي آهي، پر انهن هدايتن تي عمل نٿي ڪري.
جج ايڊيشنل اٽارني جنرل خان کان اهو به پڇيو ته ڇا هو ضمانت ڏئي سگهي ٿو ته ايندڙ ٻڌڻي تي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارروائي ٿيندي؟ ان تي هن جواب ڏنو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن به هاءِ ڪورٽ جي جج جي نمائندگي نٿو ڪري سگهي.
بعد ۾ سپريم ڪورٽ درخواست ڏيندڙن جون سزائون معطل ڪندي کين ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا ضمانت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين برقرار رهندي.
پنهنجين درخواستن ۾ ايمان ۽ هادي موقف اختيار ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ جي اها طئي ٿيل پاليسي آهي ته فوجداري معاملن کي ترجيح ڏني وڃي، خاص طور تي اهي معاملا جن جو تعلق ضمانت يا سزا معطل ڪرڻ سان هجي.
ان کان علاوه سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ايڪٽ 2023 جي سيڪشن 7 ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن درخواست ۾ تڪڙي ٻڌڻي جي گهر ڪئي وڃي ته ان کي 14 ڏينهن اندر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو ته ايمان هڪ نوجوان عورت وڪيل آهي ۽ هوءَ ڪافي عرصي کان جيل ۾ آهي، جڏهن ته جنهن ڪيس ۾ کيس سزا ڏني وئي، ان ۾ سزا ”هڪ جعلي ڪارروائي جو نتيجو“ هئي.
ڪيس جو پسمنظر
ايمان ۽ هادي 23 جنوري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران احتجاج ڪرڻ ۽ مبينا طور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سان هاٿاپائي ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتاري کان وٺي جيل ۾ هئا.
سندن گرفتاري تي انساني حقن جي تنظيمن، سياستدانن ۽ صحافين پاران تنقيد ڪئي وئي هئي، جن جو چوڻ هو ته جوڙي کي منصفاڻي ٽرائل جو حق حاصل آهي.
گرفتاري کان صرف هڪ ڏينهن پوءِ سيشن عدالت ايمان ۽ هادي کي سوشل ميڊيا پوسٽن واري ڪيس ۾ به ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت ٻنهي کي پيڪا جي سيڪشن 10 (سائبر دهشتگردي) تحت 10 سال قيد، سيڪشن 9 (ڏوهه جي واکاڻ) تحت 5 سال قيد ۽ سيڪشن 26-اي (غلط ۽ جعلي معلومات) تحت 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
عدالت حڪم ڏنو ته ٽنهي سزائن تي هڪ ئي وقت عمل ٿيندو.
اهو ڪيس 12 آگسٽ 2025 تي اين سي سي آءِ اي اسلام آباد جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ جاچ آفيسر پاران وفاقي جاچ اداري جي سائبر ڪرائيم رپورٽنگ سينٽر ۾ داخل ڪرايل شڪايت جي بنياد تي شروع ٿيو هو.
شڪايت ۾ ايمان تي الزام لڳايو ويو ته هن اهڙا بيان ۽ ”نظريا“ ڦهلائي ۽ انهن جي تشهير ڪئي، جيڪي دشمن دهشتگرد گروهن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي موقف سان هم آهنگ هئا. جڏهن ته سندس مڙس تي الزام هو ته هن ايمان جون ڪجهه پوسٽون ٻيهر شيئر ڪيون.
ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو ته ٻنهي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملن جو ذميوار سيڪيورٽي فورسز کي قرار ڏنو هو.
ايف آءِ آر ۾ اهو پڻ چيو ويو ته ٻنهي هٿياربند فوجن کي پابندي مڙهيل گروهن، جن ۾ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) شامل آهن، خلاف غير اثرائتو قرار ڏنو هو.
جج مجوڪا 30 آڪٽوبر 2025 تي ايمان ۽ هادي تي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ 5 نومبر 2025 تي ٻنهي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
ان کان پوءِ بار بار عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب جنوري ۾ جج سندن خلاف ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
جوڙي 7 فيبروري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ الڳ الڳ اپيلون داخل ڪري پنهنجي سزائن کي چئلينج ڪيو. 19 فيبروري تي انهن اپيلن ۽ سزائون معطل ڪرڻ وارين درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا، پر سزائون معطل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.










