توهين عدالت، جلد ٻڌڻي واري درخواست ٻيهر رد

توهين عدالت، جلد ٻڌڻي واري درخواست ٻيهر رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عظميٰ خان جي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي اسپتال منتقلي بابت داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ٻيهر رد ڪري ڇڏي آهي.
عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان پي ٽي آءِ جي باني کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي.
عظميٰ خان جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته توهين عدالت جي درخواست کي فوري طور تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته هن هفتي يا ايندڙ هفتي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو