ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير خزانا محمد اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام تحت 60 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بينڪنگ انڊسٽري 340 ارب رپين جي قرضن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته هاڻي مسئلو قرضن جي فراهمي جو نه، پر سپلاءِ سائيڊ کي اڳتي وڌائڻ جو آهي، بينڪنگ انڊسٽري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آباد هائوس ۽ عارف حبيب کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ريٽس ان سلسلي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندا. وفاقي وزير چيو ته 29 مارچ 2024ع تي جڏهن هو پهريون ڀيرو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج آيو ته 100 انڊيڪس 67 هزار پوائنٽن تي هو، جيڪو هاڻي هڪ لک 70 هزار تائين پهچي چڪو آهي. محمد اورنگزيب موجب هلندڙ سال گذريل 20 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 11 آءِ پي اوز ٿيا آهن، جڏهن ته اڍائي سالن دوران سيڙپڪارن جي شموليت ٻيڻي کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته گذريل 12 مهينن دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ جين زي ۽ ملينيئلز جي شموليت 85 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي.










