ڪراچي ۾ ڦورو هڪ ڪروڙ 31 لک رپيا ڦري فرار

ڪراچي ۾ ڦورو هڪ ڪروڙ 31 لک رپيا ڦري فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هٿياربند ڦورو هڪ ڪروڙ 31 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. اردو يونيورسٽي فلاءِ اوور تي ڦورن موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ڦورن هڪ شهري کان هڪ ڪروڙ 31 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا.پوليس موجب واقعي جو ڪيس عزيز ڀٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واردات ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو