پوليس مقابلي ۾ زخمي ڦورو جمال لکڻ دوران علاج فوت

پوليس مقابلي ۾ زخمي ڦورو جمال لکڻ دوران علاج فوت

سکر (ن س) ٿاڻي صالح پٽ جي حدن ۾ رضوي فارم موڙ وٽ پوليس مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ زخمي ٿيل ڦورو جمال لکڻ دوران علاج فوت ٿي ويو. سکر پوليس موجب فوت ٿيل ڦورو پوليس کي انتهائي گهربل هو، جنهن بابت وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ پڻ حاصل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سکر احمد چوڌري موجب جمال لکن سکر جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ سنگين نوعيت جي وارداتن سميت 14 ڪيسن ۾ ملوث رهيو آهي.ايس ايس پي موجب فوت ٿيل ڦورو پوليس تي حملن، چوري، اسنيچنگ ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ پڻ ملوث رهيو. جمال لکن تي مختلف ٿاڻن ۾ پوليس مقابلي، پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل هئا.پوليس موجب جمال لکن 12 ربيع الاول تي ٿاڻي بي سيڪشن جي حدن ۾ دربار سوئيٽ ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦرڻ واري واردات جو مبينا ماسٽر مائنڊ پڻ هو، جنهن جي سي سي ٽي وي وڊيو پڻ پوليس وٽ موجود آهي.
فوت ٿيل ڦورو جمال لکن خلاف داخل ڪيس
FIR No. 52/2024، قلم 376/2، 364 PPC، ٿاڻو نيو پنڊ سکر
FIR No. 278/2026، قلم 324، 353، 399، 401، 34 PPC، ٿاڻو سي سيڪشن سکر
FIR No. 114/2026، قلم 399، 402، 324، 353، 34 PPC، ٿاڻو صالح پٽ
FIR No. 115/2026، قلم 24 سنڌ آرمز ايڪٽ، ٿاڻو صالح پٽ
FIR No. 122/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو ايئرپورٽ
FIR No. 20/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو باگڙجي
FIR No. 80/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو ڪينٽ
FIR No. 145/2026، قلم 353، 324، 401، 399، 34 PPC، ٿاڻو بي سيڪشن سکر
FIR No. 160/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو بي سيڪشن سکر
FIR No. 161/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو بي سيڪشن سکر
FIR No. 275/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو اي سيڪشن سکر
FIR No. 279/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو اي سيڪشن سکر
FIR No. 109/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو ڪنڌرا
FIR No. 263/2026، قلم 353، 324 PPC، ٿاڻو روهڙي
پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ڦورو جو ٻين ضلعن مان به ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو